پاڪستان

يونيسيف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موبائيل ڪلينڪس جو انگ وڌائي ڇڏيو

عالمي اداري يونيسيف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ وارن علائقن اندر موبائيل ڪلينڪن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اتر سنڌ ۾ هاڻي وڌيڪ 15 موبائيل هيلٿ ڪلينڪون فعال ڪيون وينديون، جيڪي صوبائي حڪومت جي سهڪار سان شروع ڪيون پيون وڃن. يونيسيف مطابق پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موبائيل هيلٿ ڪلينڪن جو انگ هاڻي 66 ٿي ويندو، ان کان اڳ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان 51 موبائيل ڪلينڪون ڪم ڪري رهيون هيون. يونيسيف طرفان سنڌ ۾ 18، خيبر پختونخوا ۾ 18 ۽ بلوچستان ۾ 15 موبائيل هيلٿ ڪلينڪون هن وقت فعال آهن، جن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو وبائي بيماريون ڦهلجڻ تي ڪيو ويو، خاص طور تي سنڌ ۾ چمڙي جا مرض، خوراڪ جي کوٽ، ڊائريا ۽ مليريا جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button