قاضي احمد شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائٔڻ لا ايس يو پي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد قومي شاھراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان دوران وڏي انگ ۾ پوليس اٽالا مقرر هئا. انتظاميه جي ماڻهن اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري خاطري ڪرائي ته برساتي پاڻي کي ڍوري مان لفٽ مشينون لڳائٔي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، جنھن کانپو سيد زين شاهه روڊ بلاڪ ڪرڻ بدران احتجاجي ڪئمپ تي ويهي رهيو. سيد زين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته برسات جي تباهي ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي. سندن مجرمانه غفلت جي ڪري سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. قاضي احمد شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي قدرتي رستن تي بااثر ماڻهن جي قبضي ۽ انتظاميا جي لاپرواهي سبب پاڻي سنڌو درياهه ۾ نه پيو وڃي. ان لاءِ حڪومت لفٽ مشينون لڳائي پاڻي درياهه ۾ ڪراس ڪرائي قاضي احمد شھر ۽ ٻھراڙين کي بچائي نه ته احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close