سنڌ ڪابينا سال 23- 2022ع لا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سڌ سما بابت صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن سال ڪڻڪ جو فصل نه ٿيو ته ڏڪار جهڙي صورتحال ٿي ويندي، هن وقت 9000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي آبادگارن کي فائدو ڏيڻ بدران ٻين ملڪن کي فائدو پهچائي رهيا آهيون. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪابينا ۾ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته هن وقت سنڌ ۾ زمينون ٻڏل آهن، نئين فصل جي تياري لاءِ هارين کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، سٺي سپورٽ قيمت ڏيڻ سان آبادگار نئين فصل لاءِ جلد زمين تيار ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close