لاڙڪاڻي جي نيو صيفل ڪورائي ڪالوني ٽن مهينن کي گندي نالي جي پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالرشيد عباسي، عبدالمنان عباسي ۽ محبوب منگي سميت ٻين لهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي اڪثر علائقن مان برسات جو پاڻي نڪري ويو آهي پر اسان وٽ ته بنا برسات ۽ ٻوڏ جي علائقو گندي پاڻي جي ور چڙهيل آهي. اسان جون نياڻيون گندي پاڻي مان گذري اسڪول، ڪاليج سميت بازارن ۾ ڪم سانگي وڃن ٿيون. هنن چيو ته انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون پر ڪا واهر ناهي ٿي.هن چيو ته علائقي واسي هاڻي ڊائريا ۽ مليريا سميت ٻين موتمار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر ڪو تدارڪ نه پيو ٿئي. هنن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سوموٽو نوٽيس وٺي ڪري اسان کي صحت ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close