اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته دوست مزاري رولنگ ڪيس ۾ سياسي پارٽين جي سخت ردعمل باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو. چيف جسٽس نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاليسي معاملن ۾ عام طور تي مداخلت ناهيون ڪندا، پر ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ اهڙا ڪيس پڻ ٻڌڻا پوندا آهن، مارچ 2022ع واري سياسي واقعن سبب سياسي ڪيس عدالتن ۾ آيا. چيف جسٽس چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ تي ججز جي صلاح مشوري سان پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پنج ڏينهن شنوائي ڪري رولنگ کي غيرآئيني قرار ڏنو، سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو فيصلو به ٽن ڏينهن اندر ٻڌايو. چيف جسٽس چيو ته دوست مزاري جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ٽي سياسي پارٽين سخت ردعمل ڏنو، سياسي پارٽين جي سخت ردعمل باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو ويو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ان ڳالهه کان آگاهه آهيون ته ملڪ سنگين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ هن وقت بدتريد ٻوڏ واري صورتحال آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ججز ٽن ڏينهن ۽ عدالتي ملازن ٻن، ٻن ڏينهن جي پگهار عطيو ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيو، هن ڪيس ۾ وفاق فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي جيڪا قانون مطابق نه هئي. چيف جسٽس پاڪستان وڌيڪ چيو ته هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جو ڪردار پڻ جانبداراڻو رهيو، ۽ ان ڪيس جي فيصلي جو ردعمل ججز مقرري لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾ سامهون آيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close