خيرپور: خيرپور جي نظاماڻي پاڙي ۾ جوابدار مير صدام ٽالپر گهران سڏي 35 ورهين جي چاچي مير اقبال ٽالپر تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز تي گهرڀاتي گهر مان نڪري آيا، جنهن بعد زخمي مير اقبال ٽالپر کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ٻي طرف لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اهڙي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڀائيٽي ۽ چاچي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي. آخري اطلاعن تائين اي سيڪشن پوليس ڪيس داخل نه ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close