روھڙي: روهڙي جي علائقي اڇيون قبيون ۾ شيخ برادري جي گهرن اڳيان راند ڪندي 10 ورهين جو ٻارڙو ضامن علي شيخ پٽ دلدار علي شيخ ٻڏي فوت ٿي ويو. جڏهن ته معصوم ٻارڙي کي ٻڏندي ڏسي علائقي واسين ٻارڙي کي پاڻي مان ڪڍي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو، اتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ضروري ڪارروائي بعد ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي پي دلدار شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي گهرن اڳيان برساتي پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل آهي، جنهن جي نيڪال لا ايڊمنسٽريٽر کي شڪايتون ڪيون، پر انهن تدارڪ نه ڪيو، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي. هنن اختيارين کان ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close