بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن لا ڪڻڪ سميت ٻي خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، خوراڪ کاتي موجب صوبي ۾ ڪڻڪ جون صرف 3 لک ٻوريون موجود آهن، اهڙي صورتحال ۾ صوبائي حڪومت طرفان پنجاب ۽ پاسڪو کان ڪڻڪ جي خريداري جي منظوري ڏني وئي آهي. بلوچستان حڪومت جو چوڻ آهي ته فلور مل مالڪن ڪڻڪ پيهڻ جو اگهه وڌائڻ ۽ سبسڊي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا آهن پر بحران واري صورتحال ۾ مطالبا پورا نٿا ڪري سگهجن. ٻئي طرف بلوچستان جي فلور مل ايسوسيئيشن سرڪاري ڪڻڪ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، چڪي مالڪن مطالبو آهي ته ڪڻڪ جي سيپٽمبر واري ڪوٽا فوري طور تي جاري ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close