نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جو اگهه وڌي ته ان جو ذميوار مفتاح اسماعيل آهي، حڪومت جو نه پر حڪومتي پارٽي جو حصو آهيان، تنهن ڪري مفتاح اسماعيل جي ڪنهن عمل جي ذميواري نٿو کڻي سگهان. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽروليم ليوي 50 رپيا هجڻ گهرجي جيڪا هينئر 35 رپيا آهي، تيل جا اگهه ڊي ريگوليٽ ڪرڻ گهرجن ۽ مارڪيٽ جي حساب سان قيمت طئي ڪئي وڃي، پاڪستان جي آئين ۾ اهو سڀ ڪجهه لکيل آهي، جيڪڏهن تيل جا اگهه وڌن ته مان نه پر مفتاح اسماعيل ذميوار آهي پر اها به حقيقت آهي ته بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ ۾ مفتاح جو ڪو به ڪردار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب جو ڪيس هلندي اڄ چوٿون سال آهي ۽ چئن سالن کان جيڪي ماڻهو انهن عدالتن ۾ آهن، انهن جي زندگي مفلوج بڻيل آهي، جنهن احتساب ۾ خود احتسابي نه هجي، ان جو پڇاڻو اڳوڻي چيئرمين کان ڪيو وڃي، جيستائين نيب آهي تيستائين هي ملڪ نٿو هلي سگهي، جتي ناانصافي وڌي وڃي اتي ملڪ نٿو هلي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close