لاهور ۾ ٻن جوابدارن گهر ۾ گهڙي عورت کي سندس مڙس جي سامهون اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي. لاهور شهر جي علائقي برڪي روڊ تي هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي عورت سان سندس مڙس جي سامهون جنسي زيادتي ڪئي. متاثر عورت جي مڙس جي فرياد تي جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب 2 ڄڻا ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ بندوق جي زور تي فريادي جي زال سان لڄالٽ ڪئي. ٻئي طرف ايس پي ڪينٽ جو چوڻ هو ته جنسي زيادتي جو شڪار عورت پنهنجي طبي چڪاس ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فريادي پڻ فرار ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close