مٺي/ڪلوئي: ڪلوئي ڀرسان ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان هاڪڙي ڍوري ۾ ڪٽ ڏيڻ لا پهتل انتظاميا ۽ مشينري کي امڪاني طور متاثر ٿيندڙ هزارين ماڻھن سخت مزاحمت بعد واپس موٽائي ڇڏيو. ايل بي او ڊي کي 211 آر ڊي زيرو پوائنٽ وٽ ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ڊي سيز جي اڳواڻي ۾ وڏن پوليس اٽالن سان ٿرپارڪر ضلعي واري طرف آبپاشي کاتي جي ڪامورن ذريعي ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ڪلوئي ۽ ڀرپاسي ۾ اڳواٽ گهر خالي ڪري وڃڻ جا اعلان ڪرايا ويا، جنهن بعد علائقي جا هزارين ماڻھو ڪٽ واري هنڌ پهچي ويا، زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش دوران هزارين ماڻھن سخت مزاحمت ڪئي ۽ مشينري آڏو ليٽي پيا ۽ عملدارن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، جنهن دوران پوليس ۽ علائقي واسين وچم ڇڪتاڻ جاري رهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڇڪتاڻ ۽ مزاحمت کانپو انتظاميا مشينري کي واپس کڻائي نيوچڪ اسٽاپ وٽ بيهاري ڇڏيو. جڏهن ته انتظاميا ڪٽ ڏيڻ لا مزاحمت ڪندڙ ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لا رينجرس کان مدد طلب ڪري ورتي ۽ اٽالا مٺي-بدين روڊ تي نيوي چڪ اسٽاپ وٽ بيٺل آھن، هزارين ماڻھو انتظاميا کي هٿرادو ڪٽ کان روڪڻ لا زيرو پوائنٽ وٽ موجود آھن. جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ۽ ڊي سي بدين زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ کان هڪ ڪلوميٽر پري بيٺل رهيا. ان سلسلي ۾ مقامي ماڻهن سليم جوڻيجو، بابو جان لنڊ ۽ وسايو مورو سميت ٻين ماڻهن سخت احتجاج ڪندي چيو ته اڳيان پاڻي جو رستو نه آهي، ڪٽ ڏيڻ سان ٻه لک ماڻهو، سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو. هنن چيو ته پ پ اسان سان ظلم ڪري رهي آهي، هي اسان سان آبي دهشتگردي بند ڪئي وڃي. رهواسين دانهيندي چيو ته ايل بي او ڊي کي هاڪڙي ڍورو ۾ ڪٽ ڏيڻ سان ٿر جي بئراج واري علائقي جا لکين ماڻھو ٻڏي متاثر ٿيندا، زبردستي ڪٽ ڏنو ويو ته سخت مزاحمت ڪنداسين ۽ ٻڏي مرڻ کان بهتر آھي ته وڙھي مرون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close