پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آَفيس آڏو ڌرڻو

ڪوٽڙي: ڊي سي آفيس ڄامشورو آڏو مختلف سياسي، سماجي ڌرين ۽ ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو، ايس ٽي پي پاران ڊي سي آفيس جي دروازي اڳيان 3 ڏينھن لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي ڌرين ۽ ٻوڏ متاثرن پاران ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻ يونس اوٺو، جسقم اڳواڻ ديدار شام، مختيار چنا، شبير ساند ۽ ٻين چيو ته ڊي سي ڄامشورو ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام بڻجي چڪو آھي، ٻوڏ متاثرن جو سامان من پسند ماڻھن کي ڏنو ٿو وڃي، جڏھن ته متاثر کلي آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آھن، بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڊي سي ڄامشورو کي ھٽائي متاثرن جي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button