پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر دوران فيڪٽري مالڪ جي فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي: ڪراچي ۾ عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڪورنگي صنعتي ايريا بلال چورنگي ويجهو فيڪٽري مالڪ ۽ مئنيجر کان رقم کسڻ جي واردات دوران فيڪٽري مالڪ ڦورن کان هٿيار کسي مٿن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ ان واردات دوران فيڪٽري مالڪ جي ڪريل رقم، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ ڊوائيس ڪو ٻيو نامعلوم شخص کڻي فرار ٿي ويو. ان حوالي سان ڊي ايس پي لانڍي نواز خان ۽ ايس ايڇ او عوامي ڪالوني جمال خان لغاري ٻڌايو ته فيڪٽري مالڪ ابرار پنهنجي مئنجير فيضان سان گڏ ڪورنگي صنعتي ايريا ۾ بئنڪ مان 50 هزار رپيا ڪڍرائي موٽرسائيڪل تي واپس فيڪٽري وڃي رهيو هو ته هڪ موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڦورن سندس پٺيان لڳا ۽ ٿوري پنڌ تي وڃي هٿياربندن کيس روڪي هٿيار جي زور تي رقم کسڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فيڪٽري مالڪ مزاحمت ڪندي ڦورن کان پسٽل کسي مٿن فائرنگ ڪئي.

جنهن ۾ ٻئي ڦورو مارجي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهتي ۽ مارجي ويل ڦورو جي قبضي مان 125 موٽرسائيڪل ۽ هڪ نائين ايم ايم پسٽل هٿ ڪري ورتو ۽ مارجي ويل ڦورن جا لاش جناح اسپتال پهچايا ويا. مارجي ويل ڦورن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس مطابق متاثر فيڪٽري مالڪ جي ڪورنگي ۾ موٽرسائيڪلن جي پرزن ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن رقم سميت ٻيون شيون کڻي فرار ٿيندڙن جو پتو لڳائي کين گرفتار ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button