پاڪستانسنڌ

نجي يونيورسٽيز جي فين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪيون پيا: اسماعيل راهو

ڪراچي: صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته نجي يونيورسٽيز جي فين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهيون، ڪجهه نجي يونيورسٽين جون فيون تمام گهڻيون آهن، جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند شاگردن کي رعايت به نٿيون ڏين، جڏهن ته انهن جي گهڻائي رفاعي پلاٽن تي قائم آهي. اهڙن خيالن جوا ظهار هن ڪالهه کاتي جي آفيس جي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسماعيل راهو يونيورسٽين جي پاليسي ڄاڻڻ لاءِ سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪندي نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽين جو 10 سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. جنهن مان معلوم ٿي سگهندو ته يونيورسٽيون ڪنهن پاليسي تحت فيون وڌائين ٿيون.

صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن جي سهولت لاءِ ايندڙ ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخ مٽائي وڌائڻي پئي ته ضرور ڪنداسين. اهڙي طرح ايم ڊي ڪئمپ جي ٽيسٽ به وڌائي ويندي، جڏهن ته صورتحال معمول تي اچي وئي ته امتحان جي حوالي سان وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي طئي ڪندا. اسماعيل راهو چيو ته اسان جي ترجيح ٻارڙن جي تعليم آهي ٻوڏ سبب نقصانن بابت حڪمت عملي تيار ڪنداسين. هن چيو ته سڀاڻي وفاقي اسٽيئرنگ ڪميٽي سان ان معاملي تي صلاح مشورو ڪنداسين، سنڌ ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال سان پڙهائي متاثر ٿي ۽ برسات سبب 6 يونيورسٽين کي بند رکيو ويو. ان موقعي تي اسماعيل راهو بورڊز جي يونيورسٽيز جي کاتي جي نئين آفيس جو افتتاح ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button