پاڪستان

عمران خان جنرل قمر جاويد باجوا جو مدو وڌائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف جو معاملو نئين حڪومت اچڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته نئين حڪومت نئين آرمي چيف جي چونڊ ڪري. هن چيو ته مان چونڊن بابت ڳالهائڻ لا تيار آهيان، مان آمريڪا مخالف ناهيان. توهين عدالت ڪيس بابت عمران خان جو چوڻ هو ته اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ ڪجهه چوڻ جي اجازت ملي ها ته شايد معافي وٺي ڇڏيان ها. هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو ته معاشي استحڪام نه ايندو، جيڪڏهن معاشي استحڪام نه آيو ۽ جيڪڏهن پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ٿو ته مون کي خدشو آهي ته ان سان پاڪستان جي قومي سلامتي متاثر ٿيندي، اسان کي چوندا ته هي، هي شيون ڪريو، تڏهن اسان پئسا ڏينداسين. ٻوڏ بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 2010ع ۾ ٻوڏ سنڌو دريا ۾ آئي هئي، هاڻوڪي ٻوڏ برساتن سبب آئي آهي، هن ٻوڏ سبب اڳتي پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي تي به اثر پوندو ڇوجو فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ خدشو آهي ته جيڪڏهن زمين خشڪ نه ٿي ته ڪڻڪ جو فصل به پوکي نه سگهبو. هن چيو ته ٻوڏ سان وڏي تباهي آئي آهي، سنڌ ۾ فصل تباهه ٿي ويا، سڄي قوم کي گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ تباهي ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان جي حڪومت بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو هو، سنڌ ۾ وڏا وڏا طاقتور پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رُخ ٻئي پاسي موڙي ٿا ڇڏين. عمران خان چيو ته ٻوڏ کانپوءِ معيشت جي حوالي سان به وڏو امتحان اچي رهيو آهي، پاڪستان ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيو آهي، بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه مٿي وڃي رهيا آهن، مون کي خوف آهي ته سياسي استحڪام نه آيو ته معاشي استحڪام نه ايندو، ملڪ ۾ سياسي استحڪام رڳو چونڊن سان اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويو ته وڏا مسئلا پيدا ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button