ميروخان ويجهو تعلقي سجاول جوڻيجو جي يوسي ٺوڦ چئوسول جي وارڊ نمبر 3 ۾ شامل ڳوٺ جان محمد لغاري جي رهواسي برسات متاثر ڳوٺاڻن پاران يوسي چيئرمين مسعود لغاري ۽ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شفقت رسول عباسي جي ناانصافين خلاف ٻي ڏينهن به ميروخان – لاڙڪاڻو روڊ تي لغاري لاڙي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب ڪجھ وقت لاءِ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ وارڊ نمبر ٽي جي ڪائونسلر توفيق لغاري، نثار لغاري، هزار لغاري ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته يوسي چيئرمين مسعود لغاري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر شفقت رسول عباسي ملي ڀڳت ڪري يوسي جي برسات متاثرن لاءِ اي سي ۽ مختيار ڪار سجاول جوڻيجو کان برسات متاثرن لاءِ مليل 300 راشن جا بيگ متاثرن کي ڏيڻ بدران هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته يوسي جي چونڊيل نمائندن جي ناانصافي جو نوٽيس وٺي متاثرن لاءِ مليل راشن حقدارن کي ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close