سنڌ

لاکيڻي لطيف جو ميلو جاري،جهولا،مٺائي جا دڪان ۽ اسٽال لڳل

لاکيڻي لطيف جي 279ھين عرس مبارڪ جون رسمون ٽئين ڏينھن به جاري رهيون. اڄ قائٔم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي طرفان درگاهه جي اڱڻ ۾ ڌاڳن جي رسمن جي اختتامي تقريب ڪري مريدن کي زيارت ڪرائي دعا گھري ويندي. جڏھن ته سيڪريٽري ثقافت ڄام نسيم الغني سھتو، ڊي جي عبدالعليم لاشاري ۽ اديبن جو وفد منجهند 12 وڳي درگاهه ڀٽائٔي تي چادر چاڙھي حاضري ڀريندو. ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ھال ۾ ڪوٺائٔي وئٔي آھي. ٻي طرف مختلف شھرن مان آيل پانڌيئڙن ڀٽ ڌڻي جي مزار تي حاضري ڀري دعائٔون گھريون. برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب پانڌيئڙن جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گھٽ آيو. زائرين جي تفريح لا جهولا، مٺائي جا دوڪان ۽ اسٽال سجايا ويا. اڄ عرس مبارڪ جو آخري ڏينھن آھي. هوڏانهن پانڌيئڙن جي اڪثريت سھولتون نه ملڻ جون دانھون ڪيون، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان آيل زائرين جو چوڻ آھي ته برسات ۽ ٻوڏ تباھي ڪري ڇڏي آھي. وڏي مشڪل سان حاضري تي پھتا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button