اسلام آبادپاڪستان

عوام ٻوڏ تي سياست ڪندڙن کان حساب وٺندو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي خبر آ ڪير فيلڊ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير نه. عوام ٻوڏ تي سياست ڪندڙن کان حساب وٺندي. ڪابينا ميمبرن کي اپيل ٿو ڪيان ته رليف جي ڪم ۾ حصو وٺن. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي ذميواري پاڪستان تي لاڳو نٿي ٿئي پر اسان قيمت ادا ڪئي. يو اين سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، انتونيو گوتريس ڪروڙين پاڪستانين جو ترجمان بڻيل هو. هن چيو ڪابينا ميمبرن کي اپيل ٿو ڪيان ته رليف جي ڪم ۾ حصو وٺن، ڪابينا ميمبر وڊيو لنڪ ذريعي به پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهن ٿا. عوام ياد رکندو ته ڪير ڪير انهن وٽ آيو ۽ ڪير اسلام آباد ويٺل رهيو. سندس چوڻ هو ته هن وقت يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي ناهن، عملي ڪم ڪرڻو پوندو. مون کي خبر آهي ڪير ٻوڏ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير نه، وڌيڪ ٻن ٽن هفتن ۾ پاڻي لهي ويندو ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ منتقل ٿي ويندا. شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي. ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ڪير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪري رهيو آهي. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. جڏهن ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي. ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي، ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي، ان کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن. انهن کي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چيو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن کي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايندو ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ان کي شاباس به ڏيندي. ٻئي طرف وفاقي ڪابينا وزارت نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآپريڊينيشن پاران 10 دوائن تي رٽيل پرائيس وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. ڪابينا ليجز ليٽيو ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022 جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ شيون فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽوز لاءِ 540 ملين رپين جي فنڊ ڏيڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني اسپتالن جي سار سنڀال، سامان، پگهارن لاءِ افغان حڪومت کي فنڊ منتقل ڪرڻ، ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 لک رپين جا فنڊ ڏيڻ جي اي سي سي فيصلي جي به توثيق ڪئي وئي. يوريا ورهائڻ لاءِ صوبن وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ لاءِ مفتاح اسماعيل، طارق بشير چيما، فيصل سبزواري، قمرزمان ڪائره ۽ سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button