اسلام آبادپاڪستان

عمران مٿان الزام لڳائڻ تي مريم نواز خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته اها (ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز خلاف سندس پاران شروع ڪيل تڪراري، سوشل ميڊيا مهم جنهن ۾ عمران خان تي توهين مذهب جو الزام مڙهي کيس خطري ۾ وڌو ويو آهي. قانوني ڪارروائي ڪندي ميڊيا رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن مريم نواز عمران خان جي ٻن مبينا بيانن ۽ ان وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيوٽر اڪائونٽ تي قرآن مجيد جون آيتون شيئر ڪيون هيون. هن ٽوئٽ به ڪيو هو ته هي شخص (عمران خان) مذهب کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪوڙي بيانئي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. مريم نواز لکيو ته پنهنجي ايمان هن ملڪ کي هن شيطان کان محفوظ رکو. پي ٽي آئي مطابق مريم نواز جي ٽوئٽ کان پوءِ ٽيوٽر تي عمران خان جي خلاف توهين مذهب جو الزام لڳائيندڙ ٽرينڊ هليو. هن ٽرينڊ ۾ پي ٽي آئي چيئرمين کي نشانو بڻائيندي 65 هزار کان وڌيڪ ٽوئٽس ڪيون ويون. ٽيوٽر تي اهڙيون ٽوئتس به هيون جن ۾ مريم نواز تي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ کيس مذهب کي سياست ۾ نه گهلڻ جو مشورو ڏنو ويو هو. جڏهن ته اهڙن الزامن جي نتيجي ۾ ڪنهن جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. فواد چوڌري چيو ته اسان هي معاملو ايئن وڃڻ نه ڏينداسين، توهين مذهب جو الزام مڙهي پي ٽي آئي چيئرمين جي حياتي کي خطري ۾ وجهڻ تي مريم نواز جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. فواد چوڌري چيو ته اتحادي حڪومت شايد واحد حڪومت آهي جيڪا سياسي مخالفن خلاف توهين مذهب جي قانونن جو بي شرمي سان سرعام استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته مذهب ڪارڊ جو استعمال سياسي مخالفن کي ختم ڪرڻ جي شرم جوڳي ڪوشش آهي. ٻئي پاسي احسن اقبال اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي لائسنس ڏنو ويو آهي ته سندس ذهن ۾ جيڪو ڪجهه به اچي اهو ڳالهائي ڇڏي. احسن اقبال پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته هي شخص مذهبي معاملن تي ڳالهائيندي به ڪا پرواهه نٿو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button