اسلام آبادپاڪستان

عوام پيٽرول بچائڻ لاءِ پنڌ ۽ سائيڪل تي سفر ڪري:خواجا آصف

اسلام آباد :بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف عوام کي مشورو ڏيندي چيو ته پيٽرول ۽ بجلي بچايو ۽ پيٽرول بچائڻ لاءِ پنڌ هلو ۽ سائيڪل تي سفر ڪريو خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هوم ورڪ مڪمل آهي پنجاب ۾ تبديلي سان سياسي استحڪام ايندو. هن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڏيهه ورڻ بابت چيو ته اڃا نوازشريف وطن واپس نه پيو اچي، حالتون ٺيڪ ٿينديون ته وطن اچي ويندو. ميان نوازشريف جي وطن ۾ موجودگي سان مسلمل يگ (ن) جي ڪارڪنن جو حوصلو وڌندو هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان اڃا ڪجهه طئي ناهي ٿيو ۽ نه ئي ان تي ڪم شروع ٿيو آهي خواجه اصف ٻڌايو ته جڏهن آرمي چيف کي مقرر ڪيو ويندو ته سڀ کان پهريان اداري سان مشاورت ٿيندي ان کان پوءِ اتحادين سان مشاورت ڪنداسين پوءِ آرمي چيف کي مقرر ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button