پاڪستانسنڌ

بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هنيو، 3 سالن جو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو. خبر موجب اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ذيشان حيدر جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڪالهه اوچتو بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي تي ڇاپو هنيو. جنهن دوارن ايم ايس سيٽ تان غائب هو، اينٽي ڪرپشن ٽيم رڪارڊ جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڇڏي، ٽن سالن جي رڪارڊ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ذيشان حيدر صحافين کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ مريضن کي دوائون ۽ ٻيون سھولتون نه ملڻ جي شڪايتن تي ڇاپو ھنيو آھي، ٽن سالن جو رڪارڊ ضبط ڪيو ويو آهي، جنھن بعد اينٽي ڪرپشن پوليس اسپتال جي اڪائونٽنٽ کي رڪارڊ بابت ڄاڻ وٺڻ لا پاڻ سان گڏ وٺي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button