پاڪستانسنڌ

سڪندر شوري جو ڊي سي خلاف ڌرڻي ۽ عدالت وڃڻ اعلان

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ڊي سي ڄامشورو خلاف عدالت ۾ وڃڻ ۽ لمس گيٽ اڳيان انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪالهه شورو هائوس تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر سڪندر علي شوري چيو ته ڊي سي ڄامشورو سياسي ونگار وهي رهيو آهي، سندس خلاف اڄ ها ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، جڏهن ته خميس ڏهاڙي لمس جي گيٽ اڳيان انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي ڊي سي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

هن چيو ته سياسي بنيادن تي چونڊيل نمائندن جي پرچي تي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، سڄي سنڌ جا ماڻهو ڄامشوري ۾ آيل آهن، مقامي ماڻهو پڻ متاثر ٿيل آهن پر ڊي سي ڄامشورو پرچي تي ٽينٽ ورهائي رهيو آهي، برسات ۽ ٻوڏ ۾ سڀ متاثر ٿيا آهن پر امداد انهن کي ڏني پئي وڃي جيڪي چونڊيل نمائندن جا حمايتي آهن، هن چيو ٿه ڊي سي ڄامشورو حقيقي ٻوڏ متاثرن سان ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندن رليف جي نالي تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن پڻ ٿي رهي آهي، جنهن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button