پاڪستانسنڌ

سردار شاهه هاڪڙي ڍوري پهتو، ارباب لطف ۽ طارق ٽالپر سان ڪٽ ڏيڻ بابت ڳالهيون

ڪلوئي/ڊگهڙي: ڪلوئي لڳ سم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ واري معاملي تان حڪمران ڌر جي چونڊيل نمائندن ۾ نبيرو نه ٿي سگهيو. تعليم کاتي جو صوبائي وزير سردار شاهه مير طارق ٽالپر ۽ ارباب لطف الله کي گڏ وٺي ڪاٺڙي بند تي پهتو. مير طارق ٽالپر ۽ ارباب لطف الله ۾ سياسي تڪرار نبيرڻ ۽ سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ وارو مسئلو حل ڪرڻ لا صوبائي وزير سردار شاهه ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو ايم پي اي مير طارق ٽالپر ۽ ايم پي اي ارباب لطف جي بدين ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي ورتي، جتي آبپاشي عملي کي به گهرايو ويو، جنهن بعد سردار شاھه وفد جي صورت ۾ رام سر معاهدي تحت جڙيل چائنا ڌڪو پهتو ۽ جائزو وٺڻ بعد قدرتي لنگهھ ھاڪڙي دريا ونگو پتڻ پهچي ايل بي او ڊي سم نالي جو دورو ڪيو، جنهن بعد سردار شاهه ۽ ٻيا واپس بدين روانا ٿي ويا. باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صوبائي وزير سردار شاھه، ارباب لطف الله، مير طارق ٽالپر ۽ ڄام خان شورو ۾ چائنا ڌڪو جي ٻنهي پاسن کان 50، 50 فوٽ جا ڪٽ ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون، ڪٽ لڳڻ بعد ايل بي او ڊي سم نالي ۽ هاڪڙو جو پاڻي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيندو ۽ جنهن کانپوءِ اهو سمنڊ ۾ هليو ويندو. چائنا ڌڪو وٽان ڪٽ ڏيڻ جي صورت ۾ جهڏي ۽ نئين ڪوٽ سميت ٻين هنڌن تي بيٺل پاڻي لهي ويندو ۽ سي پيڪ روڊ ٻڏڻ کان بچي پوندو. ايل بي او ڊي سم نالي جي بندن تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ويندو. هوڏانهن ايل بي او ڊي سم نالي تي پاڻي جي دٻا سبب بند ڪمزور ٿي ويا آهن. واضح رهي ته نئين ڪوٽ کان زيرو پوائنٽ تائين ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڪڙن سان ڪمزور بندن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، پر آبپاشي عملو ڪٿي به نظر نه آيو آهي. هوڏانهن تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهھ ٽالپر هائوس ڊگهڙي تي پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق خان ٽالپر سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زيرو پوائنٽ آر ڊي 210 وٽان ڪٽ لڳائڻ وارو معاملو پوليٽڪلي به آهي ته گهڻي ڀاڱي ٽيڪنيڪلي پڻ آهي، اتان جا مقامي ماڻهو ڪٽ لڳائڻ جي مخالف ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ڪٽ لڳائڻ لا مشينري پهتي، پر مقامي ماڻھن جي مزاحمت تي مشينري واپس موٽائڻي پئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪٽ ھڻائڻ لا ماڻھن تي گوليون ته نٿي هلائي سگهي، جيڪڏهن ڪٽ نه به لڳو ته زيرو پوائنٽ وٽ پاڻي چاڙھه ڪري چڪو آهي، اسپائنل تي 20 فوٽ ليول ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري گهارو لڳي ويندو ۽ اوچتو گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، اسان پنجن ضلعن جي پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته اسان بدين وڃون پيا، جتي آبپاشي جو وزير ۽ آبپاشي کاتي جا ذميوار اعلى آفيسر موجود آهن، جيڪي زيرو پوائنٽ بابت بريفنگ ڏيندا، جنهن کانپو اسان معائنو ڪرڻ بعد اڄ ئي ڪٽ لڳائڻ بابت فيصلو ڪري وٺنداسين. هن چيو ته يو اين سيڪريٽري جنرل بلاول ڀٽو زرداري جي ڪال تي پاڪستان آيو هو، اردو ميڊيا سنڌ جي برسات متاثرن کي وساري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن جي مزاحمت تي نه پر ارباب لطف الله جي مخالفت سبب ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button