پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ڇوڪري قتل

ميرپورخاص: ميرپورخاص ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ڇوڪري کي قتل ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب ميرپورخاص ڀرسان پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ مٺو مري پنهنجي ڀائيٽي 22 ورهين جي سيما ڌي عبدالله مري ۽ 25 ورهين جي نوجوان شمبو ولد ڪانجهي ميگهواڙ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پراڻي ميرپور پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته پوليس جوابدار مٺو مري کي گرفتار ڪري بندوق هٿ ڪئي. ايس ايڇ او پراڻي ميرپور ذيشان لاشاري ڳالهائيندي چيو ته نوجوان ناري سيما مري ٽنڊوآڊم ويجهو ڳوٺ علي بخش مري جي رهواسڻ آهي ۽ نوجوان شمبو ولد ڪانجهي ميگهواڙ ڄام نواز علي جو رهواسي آهي، ٻئي هڪٻئي کي ڪافي عرصي کان پسند ڪندا هئا، گذريل رات شمبو ميگهواڙ پراڻي ميرپور ۾ پنهنجي دوست علي بخش مري وٽ آيل هو، جتي نوجوان ۽ ناري فصل ۾ ملڻ پهتا ته سيما جي چاچي جوابدار مٺو مري ٻنهي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال کڻي آئي، جنهن کانپو پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button