پاڪستانسنڌ

ايم اين اي صلاح الدين جي 5 سالن کان گم سالي جو لاش مليو

شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر لڳ ڳوٺ ملان حرمت ڀرسان 50 ورهين جي شخص جو لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو، فنگر پرنٽس جي مدد سان همراهه جي بصارت صديقي نالي طور سڃاڻپ ٿي، جيڪو ڪراچي پي آئي بي ڪالوني جو رهواسي هو. ايس ايڇ او اسحاق سنگراسي ٻڌايو ته بصارت صديقي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبر صلاح الدين جو سالو آهي، لاش وصول ڪرڻ ايم اين اي صلاح الدين ۽ سندس ڀيڻ عروسه صديقي شاهپور چاڪر ٿاڻي تي پهتا، جتي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ڪارڪن زبردستي گهرن مان کڻي گم ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اهو ڪٿان جو قانون آهي، جيڪڏهن انهن تي ڪيس آهن ته عدالتون موجود آهن، اتي انهن کي پيش ڪيو وڃي، آئون قومي اسيمبلي جي فلور تي به آواز اٿاري چڪو آهيان. بصارت جي ڀيڻ عروسه ٻڌايو ته منهنجي ڀا کي زبردستي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار منهنجي ۽ منهنجي والده سامهون کڻي ويا، جڏهن آئون مبينا پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ ويس ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، پوليس جو پريشر هو ته اسان نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرايون، نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل نه ڪرائڻ تي منهنجي وڏي ڀا عمران صديقي کي به گهر مان کڻي ويا هئا، منهنجي والده کي ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو، منهنجي ڀا جو 5 سالن کانپو لاش هتي اڇلائي هليا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button