پاڪستانسنڌ

رفيق جمالي، فياض ٻٽ، عرفان لغاري، عزيز جوڻيجو ها ڪورٽ طلب

راڌڻ: دادو ضلعي جي مشهور وڪيل شعبان ميربحر جي پٽيشن تي سنڌ ھا ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو اڄ 14 سيپٽمبر تي پ پ ضلعي دادو جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، صوبائي صلاحڪار فياض علي ٻٽ، ايم اين اي عرفان لغاري، اڳوڻي ايم اين اي عمران لغاري، ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ، سيڪريٽري ھيلٿ، سيڪريٽري آبپاشي، چيئٔرمين اين ڊي ايم اي، ڊائٔريڪٽر اين ڊي ايم اي حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر دادو، ڊپٽي ڪمشنر دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪي اين شاهه، مختيارڪار ڪي اين شاهه، ايس ايڇ او ڪي اين شاهه کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ان سلسلي ۾ اھڙو نوٽيس منظور علي کھاوڙ اسسٽنٽ رجسٽرار جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي، اڄ 14 سيپٽمبر تي ڪيس جي شنوائي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ڊبل بينچ ڪندي. پٽيشن ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن تي ٻوڏ جي پاڻي کي قدرتي رستو نه ڏيڻ، بندن جي مرمت نه ڪرڻ، صرف ميھڙ ۽ جوھي کي رنگ بند ڏيڻ، ٻوڏ متاثر ماڻھن ۽ مال کي کاڌ خوراڪ ۽ راشن وغيره نه ڏيڻ، فوتي يا زخمين کي معاوضو نه ڏيڻ، 2010 کان اڄ ڏينهن تائين مليل بجيٽ جي جوڊيشل انڪواري ڪرائٔڻ، ھٿرادو ڪٽ ڏياري خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻيا علائٔقا ٻوڙائٔڻ جي انڪواري ڪرائٔڻ جو موقف شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button