پاڪستان

آرمي چيف جي مقرري تي بحث وقت کان اڳ آهي: خواجا آصف

اسلام آباد: وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت عمران خان جي تجويز رد ڪري ڇڏي، بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي بحث وقت کان اڳ آهي. بچاءُ واري وزير خواجا آصف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي هوس ۾ ايترو ڪري چڪو آهي جو آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي چونڊ ۽ سياست سان جوڙي رهيو آهي. خواجا آصف چيو ته موجودا حڪومت ان ذميواري بابت مقرر وقت تي آئين ۽ اداري جي بهترين روايتن کي ڌيان ۾ رکندي فيصلو ڪندي، اهم قومي فيصلا سياسي مفادن سان مشروط ناهن هوندا. ان کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ان تجويز تي ردعمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان آرمي چيف جي مقرري وارو عمل سوچيل سمجهيل منصوبي تحت تڪراري بڻائي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان موضوع تي بحث ڪرڻ جو هي وقت ناهي. بچاءُ واري وزير موجب ان موضوع تي هن وقت ڳالهائڻ نه ملڪي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي بچاءُ جي ضامن اداري جي سربراهه کي سياست ۾ گهلڻ اداري جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي انهن سان ڳالهين ڳالهين جا دروزا کولڻ جو خواهشمند پڻ آهي، عمران خان هر صورت ۾ طاقت حاصل ڪري چاهي ٿو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي هئي ۽ چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته نئين حڪومت ئي نئين آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button