اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي،واڌ چونڊن سان مشروط آهي:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي. آرمي چيف جي مقرري نين چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. ڪالهه عمران خان بني گالا ۾ صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سيپٽمبر ۾ حڪومت خلاف سڏ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، احتجاج جو سڏ گهڻو پري ناهي هن ئي مهيني ڏيندس. هن چيو ته مون ڪڏهن ناهي چيو آرمي چيف فلاڻو هجي پر سدائين چيو ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. نئين حڪومت نئين آرمي چيف جو فيصلو ڪري، چيف جسٽس جي مقرري به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. هن موجب اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن تي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٻن خاندانن کي ڪڏهن به آرمي چيف جو نالو سليڪٽ نه ڪرڻ گهرجي. نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان عمران خان چيو ته نواز شريف جڏهن پاڪستان ايندو ته سندس تاريخي آجيان ڪندس. هن چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان جو نه ن ليگ جو آهي، مائنس ون فارمولو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن کي خبر آهي ته عمران خان جي هوندي ميچ نٿا کٽي سگهون. پنهنجي گرفتاري بابت هن چيو ته جڏهن منهنجي گرفتاري جون ڳالهيون ڪيون ويون ته مون پنهنجو ٿيلهو تيار ڪري ورتو هو. ٿيلهي ۾ ڪتاب رکيا هئا ته جيئن جيل ۾ مطالعو ڪندو رهان. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڻ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪمزور ترين حڪومت آهي. هوڏانهن چوڌري محمد طاهر ٽڪيٽ هولڊر تعلقي صدر تحريڪ انصاف اوڪاڙا سان ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن جي ڪمزور پاليسين جي ڪري عوام تنگ اچي چڪو آهي ۽ ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪرپٽ حڪومت عوام کي وڏا خواب ڏيکارڻ ۽ ڪوڙي دلجاءِ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو. عوام ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن کي رد ڪري تحريڪ انصاف کي عوامي ووٽن جي طاقت سان ڪامياب ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button