پاڪستانسنڌ

خيرپور ڀرسان ٽرالر جو ڪوچ کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي

خيرپور: خيرپور ڀرسان قومي شاھراهھ شاھه حسين باءِ پاس وٽ تيز رفتار ٽرالر مسافر ڪوچ کي ٽڪر هنيو، جنھن سبب ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، ٽڪر جي نتيجي ۾ مسافر عبدالستار چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته اسدالله، اعظم طارق ۽ محمد مڪي سميت 5 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. واقعي بعد لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته شاهھ حسين پوليس ٽرالر ۽ ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button