پاڪستان

افغان سرزمين تان دهشتگردن جي فائرنگ، 3 فوجي جوان شهيد

راولپنڊي: افغانستان مان دهشتگردن ضلعي ڪرم جي علائقي خرلاچي ۾ پاڪ فوج جي چوڪين تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي ڳرو جاني نقصان پهچايو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 32 ورهين جو نائيڪ محمد رحمان شهيد ٿي ويو جنهن جو تعلق ڪرڪ سان آهن جڏهن ته شهيد نائيڪ معاويز خان جي عمر 34 سال آهي ۽ هو جمرود خيبر جو رهواسي هو. فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٽئين سپاهي عرفان الله جي عمر 27 سال ۽ تعلق مالاڪنڊ جي علائقي درگئي سان هو. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين جي استعمال جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي اجازت نه ڏيندي. ترجمان مطابق پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت خلاف پاڪستان جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، اسان جي دلير جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button