اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي جيتري اوقات آهي ايترو ڳالهائي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان صاحب! جيتري اوقات اٿوَ ايترو ڳالهايو، پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان پهرين فيصلو ڪريو ته توهان جو مسئلو ڇا آهي؟ پرڏيهي سازش؟ حقيقي آزادي؟ اليڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او، ڪهڙو مسئلو آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو مقصد چونڊون نه پر پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي، هو فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي لاءِ اين ار او گهري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي اکين تي اقتدار جي هوس جي پٽي ٻڌل آهي، کيس ٻوڏ ۾ ٻڏل ماڻهو نظر نه پيا اچن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪمشنر اٺن ورهين کان ٻڌڻي هيٺ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ئي ته ٻڌايو آهي، عمران خان آمريڪا مخالف بيان ڏيندو آهي، آمريڪي سان آمريڪا ۾ لابي ۽ برانڊنگ ڪرائيندو آهي، آمريڪين سان لڪي لڪي ملاقاتون پڻ ڪندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button