پاڪستانسنڌ

ابڙان ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ويجھو ابڙان ۾ ملڪيت تان تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ زاھد ميمڻ ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ سولنگي، نظام الدين ميمڻ، ممتاز عرف راھب علي ميمڻ ۽ حاڪم علي ميمڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جي لاش ۽ زخمين کي ڇڪڙي ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز آندو، جتي ممتاز عرف راھب علي ميمڻ زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان زخمي نظام الدين ميمڻ ٻڌايو ته ابي ڏاڏي کان جڳھه ۾ رھون ٿا، برسات سبب هڪ ڪمرو ڊهي پيو، جنهن کي ٻيهر تعمير ڪرائڻ لا پورهيت گهرايا ته سيد لطف شاهھ، اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاهھ، مجاھد شاهھ، ذوالفقار شاھه ۽ راجا شاھه اسان تي حملو ڪيو ۽ چيو ته 3 لک رپيا ڏيو نه ته جڳھه ٺاھڻ نه ڏينداسين، پئسن کان جواب ڏيڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري زاھد ۽ ممتاز عرف راهب ميمڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي. ذريعن مطابق يونين ڪائونسل ابڙان جي اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ۽ نظام الدين ميمڻ جي ڌر ۾ پلاٽ تان تڪرار ھلندڙ ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button