پاڪستانسنڌ

خانپور مهر ۾ فوڊ انسپيڪٽر جي نااهلي، 20 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خراب

خانپورمهر: خانپورمهر ۾ خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب سرڪاري ڪڻڪ جون 20 هزار ٻوريون برسات ۾ خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، فوڊ انسپيڪٽر علي زر لکڻ پاران صحت لاءِ هاڃيڪار ڪڻڪ کي اس ۾ سڪائي ٻيهر ٻورين ۾ بند ڪري خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ موڪليو پيو وڃي. برسات دوران فوڊ انسپيڪٽر علي زر لکڻ ۽ سندس عملي پاران سار سنڀال نه لهڻ سبب هزارين مڻ ڪڻڪ کائڻ جهڙي نه رهي. فوڊ انسپيڪٽر پاران مزدورن وسيلي پاڻي ۾ خراب ٿيل ڪڻڪ کي مٽي ۽ پاڻي مان ڪڍرائي سڪائي ٻيهر ٻورين ۾ بند ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. هوڏانهن خوراڪ کاتي ڪڻڪ خراب ٿيڻ ۽ فوڊ انسپيڪٽر جي نااهلي جو نوٽيس ناهي ورتو. خراب ڪڻڪ گدامن ۾ پهچائڻ تي شهري ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. 20 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو. معلوم ٿيو آهي ته برساتي پاڻي پسڻ سبب ڪڻڪ ۾ ڌپ ٿي وئي آهي ۽ ڌپ سردار ڳڙهه اسٽينڊ تائين اچي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button