سنڌ

حيدرآباد ۾ عثمان سومرو قتل ڪيس ۾ انصاف لا ريلي

حيدرآباد ۾ ڪجهه وقت اڳ مبينا قتل ڪيل نينگر عثمان سومرو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف سومرا ڌر جي سڏ تي نسيم نگر کان ريلي ڪڍي ٿڌي سڙڪ وٽ شهباز بلڊنگ آڏو ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيسن آڏو ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران ٿڌي سڙڪ روڊ ٻنهي پاسن کان لاڳيتو 8 ڪلاڪ بند رهيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي طيب سومرو، ممتاز سومرو، عبداللطيف سومرو، عزيز سومرو ۽ ٻين چيو ته قاسم آباد جو اڳوڻو مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي قتل ڪيس ۾ نامزد آهن، ان باوجود سنڌ جي روينيو کاتي نامزد جوابدار مختيارڪار ماجد خاصخيلي کي مٽياري جو مختيارڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا نانصافي آهي. اڃا تائين ڪيس جي جاچ مڪمل ناهي ٿي. هنن چيو ته ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سراج لاشاري ڪئي هئي، جنهن مان مطمئن نه آهيون. ڇاڪاڻ ته هڪ طرفي جاچ ڪري ڪيس خراب ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري چاهيون ٿا ته ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن انصاف فراهم ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button