سنڌ

لطيف جي ڪلام ۾ سماج جي خوبصورت اڏاوت ٿيل آهي:ڏات ڌڻي

ڏات ڌڻين، دانشورن، تحقيقدانن، لکيارين ۽ لطيف سرڪار جي پارکوئن چيو آهي ته حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو سمورو ڪلام سون آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اهڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آهي جو جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ ان تي عمل ڪجي ته اسانجو سمورو معاشرو ۽ سڄي دنيا حسين بڻجي پوي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت جون هدايتون ٿيل آهن جنهن سماج جي اڏاوت لاءِ سموري انسانيت هزارين سالن کان خواب کڻي جيئندي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن لاکيڻي لطيف جي 279 هين سالياني ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي ممتاز مرزا هال حيدرآباد ۾ منعقد سالياني ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت کاتي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر نسيم الغني سھتي چيو ته سنڌ ۾ سر سسئي موجب مسلسل جاکوڙ، اميد ۽ جدوجھد ڇو نٿي ٻڌائي وڃي. هن چيو ته درگاهن تي ڪنهن به فرقي يا مذهب جي قيد ناهي. هر ڪو ماڻهو آزادي سان اچي وڃي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سرڪار مذهب کان مٿانهون ٿيندي سڄي عالم لاءِ دعا گهري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button