سنڌ

” جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسي پيرسن جو احتجاج نياڻي

لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي ڳوٺ ڀاونده جي رهواسي پيرسن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي نياڻين سان گڏجي ڪجهھ مهينا اڳ مبينا قتل ٿيل ڌيءُ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي اصغر ڏيپر پنهنجي نياڻين نجمه خاتون، زينب خاتون ۽ معصوم ڏوهٽي بتول سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 22 جولاءِ تي رات جو جوابدار مور ڏيپر، اختيار ڏيپر، آفتاب ڏيپر ۽ واحد بخش ڏيپر گهر ۾ گهڙي منهنجي شادي شده ڌيءُ زوليخان زال عاشق ڏيپر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس منهنجي فرياد تي جوابدارن مٿان قمبر جي صدر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، پوليس صرف ٻن جوابدار مور ۽ آفتاب ڏيپر کي گرفتار ڪيو، باقي جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، پر پوليس ڪا ڪارروائي نه پئي ڪري، جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نياڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button