سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بااثر پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رسول آباد پاڙي جي رهواسين بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن شاهنواز ٿهيم پنهنجي ڀاءُ ممتاز ٿهيم، پٽن نويد، غلام حيدر، مامي نظير حسين ٿهيم ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته بااثر پوليس اهلڪار سليم لنجواڻي ۽ نعيم لنجواڻي اسان جو جيئڻ جنجال بڻايو آهي، جيڪي اسان کي زوري پاڙي مان لڏائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته ڪالهه بااثرن پنهنجي ساٿي اهلڪارن زيب جتوئي، عامر کهاوڙ، ۽ صفدر لغاري سان گڏجي منهنجي پٽ نويد ٿهيم ۽ ٻين مائٽن تي سخت تشدد ڪيو. واقعي جي اين سي حيدري ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ سميت ايس ايس پي آفيس ۾ شڪايت ڪئي پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هن الزام لڳايو ته پوليس اهلڪار سليم لنجواڻي ۽ نعيم لنجواڻي گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button