سنڌ

قمبر ۾ سيشن جج آڏو ٽينٽ سٽي جي متاثرن جو احتجاج

قمبر جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو جو قمبر ۽ تعلقي وارهه ۾ 200 کان وڌيڪ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن کان تفصيل معلوم ڪيا. جتي ٻوڏ متاثرن سيشن جج کي ٻڌايو ته اسان وٽ خيما اڻپورا آهن، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جو خاص بندوبست ناهي، صحت سهولت لاءِ ڪا ميڊيڪل ڪئمپ ناهي، اسان جي واهر ڪئي وڃي، اسان جا ٻچا اُس ۾ بک تي ويٺل آهن، هزارين ٻوڏ متاثر هجڻ باوجود خيما تمام گهٽ آهن هڪ خيمي ۾ ٽي چار خاندان گڏ رهن ٿا. ان موقعي تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو، ڊي ايڇ او ذوالفقار علي تنيو کي حڪم جاري ڪيو ته ٻوڏ متاثرن وٽ هر صورت ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم مقرر ڪئي وڃي، انهن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ٿي سگهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جا اهنج ڏسي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. اسين هر ممڪن ڪوشش ڪري انهن کي بهتر سهولتون ڏيارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button