سنڌ

بخشاپور مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

بخشاپور ويجهو بڊاڻي ٿاڻي جي حد علي اڪبر ڀٽو محلي ۾ 20 ڏينهن گذرڻ باوجود به علي اڪبر ڀٽو محلي کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. ڳوٺاڻن ۽ محلي واسين بخشاپور بڊاڻي لنڪ روڊ تي ٽائر ساڙي ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اُن موقعي تي محمد ايوب ڀٽو، ڪيهرالدين ڀٽو، رمضان ڀٽو، صوبو ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ته ناهي ڪيو ويو پر بداڻي شهر جي گٽرن جو بدبودار گندو پاڻي به هٿرادو اسان جي گهرن طرف ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن ۾ چمڙي، مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ محلي واسي مبتلا آهن. جڏهن ته محلي ۾ 4 کان 5 فٽ پاڻي گهرن ۾ بيهجي ويو آهي ۽ محلي واسين جو زميني رستو به بلڪل بند ٿي چُڪو آهي. هُنن اپيل ڪندي چيف جسٽس ۽ سنڌ حڪومت کي چيو ته علي اڪبر ڀٽو محلي کان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ بخشاپور انڊس ها وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button