اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي ڪيس ۾ عمران خان پوليس جي آ ٽي سامهون پيش

اسلام آباد:پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪيئي نوٽيسز ۽ عدالتي حڪمن بعد عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ويو.پوليس ٽيم طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي لکت ۾ 21 سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو. جڏهن ته پوليس طرفان ڪجهه زباني سوال پڻ ڪيا ويا.عمران خان کان جاچ ٽيم ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ اٽڪل ويهه منٽن تائين پڇاڳاڇا ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي وڪيل ذريعي پهريان کان ئي جمع بيان ٻيهر ڏئي ڇڏيو. عمران خان بيان ۾ چيو ته شهباز گِل تي تشدد جي حوالي سان پنهنجي تقرير ۾ ڪائي دهشتگردي ناهي ڪئي، جيڪا تقرير ڪئي اها دهشتگردي جي زمري ۾ نٿي اچي. جڏهن ته تقرير ۾ قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي ناهي ڏني. عمران خان لکت ۾ بيان جي آءِ ٽي جي سربراهه جي حوالي ڪيو، بيان ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف امپورٽڊ حڪومت جي دٻاءُ تي پوليس دهشگردي جو ڪيس داخل ڪيو. جاچ ٽيم پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته توهان پنهنجي تقرير دوران پوليس آفيسرن ۽ ماتحت عدليا جي جج کي ڌمڪائي خوف ۽ هراس وارو ماحول پيدا ڪيو؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، ان سڄي ڪيس کي انتقامي ڪارروائي ۽ ڪوڙو سمجهان ٿو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون سڏ ڏنو تھ حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي، عوام جو سمنڊ ٻاهر نڪرندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آھي ته هڪڙا چون ٿا ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ٻيا منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 26سالن جي سياست ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ھر شئي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھي ڪري ڪئي. سندس چوڻ هو ته هن وقت ٻوڏ تي سياست ٿي رهي آهي، اسان کي چيو پيو وڃي ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ۽ ٻئي پاسي منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن، جيڪي ماڻهو سياسي فنڊنگ ڪندا هئا انهن کي هيسايو ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته معيشت سنڀالجي نه پئي، پاڪستان سريلنڪا جي نقش قدم طرف وڃي رھيو آھي، انتظار جون گهڙيون ختم ٿي رهيون آهن، جڏھن مان سڏ ڏيندس تھ حڪومت برداشت نھ ڪري سگھندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته حڪومت سان رڳو صاف ۽ شفاف چونڊن واري معاملي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، معيشت جي بهتري جو حل صرف شفاف چونڊون آهن. پنهنجي خلاف دهشتگردي واري ڪيس بابت سوال تي عمران خان چيو ته اهو ڪيس دنيا آڏو مذاق بڻجي ويو آهي، اها ڄاڻ هئڻ باوجود هي ڪيس هڪ مذاق آهي، اڄ آئون عدالت ۾ پيش ٿيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button