اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي پولنگ 16 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي پولنگ 16 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسدا، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻا صاحب، اين اي 237 ملير ۽ اين اي 239 ڪورنگي جي ننڍي چونڊ پڻ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن 9 آڪٽوبر ٿيندڙ ننڍي چونڊ جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو، 9 آڪٽوبر تي رٿيل ننڍي چونڊ پڻ 16 هين آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٽن صوبائي ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پولنگ جي تاريخ تبديل ڪئي وئي، اين اي 157، ملتان، پي پي 139، پي پي 209 خانيوال ۽ پي پي 241 ۾ هاڻ پولنگ 9 آڪٽوبر بدران 16 آڪٽوبر تي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button