اسلام آبادپاڪستانسنڌ

جعلي دوائون وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪيون پيا:عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد:صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جعلي، غير رجسٽرڊ ۽ غير معياري دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڊريپ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. حڪومت جي مقرر قيمتن کان وڌيڪ تي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عوام سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪي عنصر غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ڏٺا ويا، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته صحت جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وڏي پئماني تي سڌارا ڪيا پيا وڃن. صحت واري وزير جي هدايت تي دوائن جي وڌيڪ قيمتن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. پيناڊول ذخيرو ڪندڙن خلاف ڊريپ وڏي ڪارروائي ڪئي. ان حوالي سان صحت واري وزير جي عملدارن چيو ته ڊريپ جي ٽيم ڪراچي ڪچي گلي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ الطاف ٽريڊرز تي ڇاپي دوران تقريبن 2 لک 52 هزار پيناڊول جون گوريون هٿ ڪيون. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن جي ڪري مارڪيٽ مان ان دوا جي هٿرادو کوٽ پيدا ٿي وئي هئي. هن چيو ته فارميسي مان بغير وارنٽي وارو اسٽاڪ هٿ آيو جيڪو مشڪوڪ ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڊريپ جي ٽيم قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ڪيل ٽيسٽ جي نمونن جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button