پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ 3 ڏينهن کان گم پيرسن جو لاش مليو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ راڻپور جي پاڻي جي تلا ۾ 50 سالن جي سروپ چند ولد آنڀو مهراج جو لاش هٿ آيو، ٻڌايو پيو وڃي ته لاش 3 ڏينهن پراڻو آهي، جيڪو پاڻي ۾ ترندو نظر آيو ۽ ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ هو ته فوتي 3 ڏينهن اڳ گهران نڪري ويو هو، سندس دماغي توازن ٺيڪ نه رهندو هو، سدائين گهر کان ٻاهر رهندو هو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته شروعاتي جاچ موجب فوتي جو دماغي توازن ٺيڪ نه رهندو هو،وڌيڪ جاچ جاري آهي. معلوم ٿيو آهي ته فوتي سروپ چند کي 5 ٻارڙن جو اولاد آهي، سندس گهرواري صحت کاتي جي راڻپور گورنمينٽ ڊسپينسري ۾ دائي جي نوڪري ڪندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button