پاڪستانسنڌ

سامارو تعلقي جي سوين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل، متاثرن جو ڌرڻو

سامارو: سامارو تعلقي ۾ برساتي تباهڪارين ۾ ٻڏي ويل يوسي صالح ڀنڀرو ۽ آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺن حنيف آباد، دوست محمد ڀرڳڙي، وارث ڀرڳڙي، راوت خان شاھاڻي، عمرالدين ڀنڀرو، قاضي غلام محمد رند، غلام نبي قائمخاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جي سوين ماڻھن ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ، تعلقي، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن پاران واھر نه ڪرڻ خلاف لطيف، الھبخش رند، محمد ڀرڳڙي، غلام نبي قائمخاني، ڪرشن ڀيل، منگل اوڏ، سڪندر ڀرڳڙي، راجا رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صالح ڀنڀرو ڀرسان سامارو کان پٿورو روڊ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته برساتن کي مھينو ٿيڻ وارو آھي، پر يوسي صالح ڀنڀرو ۽ آراڙو ڀرڳڙي جي ديھن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ 4 کان 5 فوٽ تائين برساتي پاڻي بيٺل آھي، جنھن ڪري سمورا ڪکاوان ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن ۽ پاڻي ۾ ٻڏل پڪا گھر به ڊھڻ لڳا آھن، زمينون، فصل ۽ اسڪول وڏي پاڻي ھيٺ آيل آھن، پر تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا توڙي تڪن جا چونڊيل نمائندا نه پاڻي ڪڍرايو آهي، نه ئي ڪا امداد ڏني آهي. ھنن تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button