پاڪستانسنڌ

ٿر انتظاميا پاران پاڻي موٽرن ذريعي ڪڍڻ جي حڪمت جوڙڻ جي دعوى

مٺي: ٿرپاڪر ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي هاڪڙي ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جو پاڻي هيوي موٽرن ۽ مشينري ذريعي نيڪال ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي دعوى ڪئي آهي پاڻي کي موٽرن ذريعي نيڪال ڪري وڌيڪ ٻوڏ کان عوام کي بچائي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي خاص معاون ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزازسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي جو اجلاس درٻار هال مٺي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزازسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ڊي سي ٿر عبدالحفيظ سيال، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن رليف ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سلمون، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سارا جاويد، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گريش، ڊي اي او سيڪنڊري اسڪولز هريش لوڊها، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سماجي ڀلائي کاتو امداد حسين چنا ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ضلعي انتظاميا ٿر پاران متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪالي سميت رليف ۽ ريسڪيو واري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي عبدالحفيظ سيال چيو ته ضلعي انتظاميا ڍورو پراڻ ۽ يل بي او ڊي سبب متاثر ٿيندڙ علائقن مان پاڻي جي نيڪالي لاءِ اپا وٺي رهي آهي، ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي ڍورو پراڻ، ايل بي او ڊي ۽ زيرو پوائنٽ تان هيوي مشينون لڳائي پاڻي جي نيڪالي لاءِ لائحه عمل جوڙيو آهي ته جئين وڌيڪ شهرن ۽ ڳوٺن کي پاڻي کان بچائي سگهجي. وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ڪيٽل ڪالوني نئون ڪوٽ ۾ 100 ٽينٽ تي مشتمل ٽينٽ سٽي قائم ڪري ٻوڏ متاثرن کي پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ لا مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون پيون وڃن. هن چيو ته سروي موجب ٻيڙا جي علائقن ۾ 12 کان 13 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button