اسلام آبادپاڪستان

عمران کي پنج سال قيد،وڌ کان وڌ جنم ٽيپ ملي سگھي ٿي:اسلام آباد پوليس

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس چيو آهي ته عمران خان کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سال ۽ وڌ کان وڌ جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ملي سگھي ٿي.اسلام آباد پوليس پاران جاري بيان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي خلاف داخل دهشتگردي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي بيان رڪارڊ ڪرايو، هي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 جي قلم 7 تحت قائم ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ سنگين نوعيت جو ڪيس آهي. پوليس پڌرائي موجب هن ڪيس ۾ شامل قانون جي شق نمبر (vii) ايڇ تحت جوابدار کي گھٽ کان گھٽ پنج ۽ وڌ کان وڌ جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ملي سگھي ٿي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگردي ايڪٽ 1997 جي شق نمبر(vi) ايم تحت ڪنهن به سرڪاري ملازم کي ڊيڄاري يا ڌمڪائي قانوني فرض سر انجام ڏيڻ کان روڪڻ جنهن جو مقصد رياستي يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري پنهنجي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ آهي جيڪو هڪ سنگين ڏوهه آهي. پوليس موجب دهشتگردي جي تعريف جو لاڳو تقرير سوڌو، لکت ۽ خوف هراس پکڙيندڙ سمورن عملن تي ٿيندو آهي. ان ۾ هڪ رٿابندي ۽ مقصد تحت اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس جي آفيسرن ۽ معزز عدالت جي جج کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو، هي سمورا عمل هڪ غيرقانوني ريلي دوران مڪمل ٿيا. جڏهن اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو هيو. پوليس موجب غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺندي مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ چانڊيو شڪايت ڪئي، جنهن تي جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي، ان سموري عمل کي جنهن جا سنگين نتيجا نڪري سگھن ٿا ان کي پوري سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي، پوليس اسٽيشن ۽ ٻيا سرڪاري ادارا سڀ لاءِ هڪجهڙي قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button