پاڪستان

ميٽا ڪمپني به پاڪستان کي ساڍا 12 ڪروڙ رپيا امداد ڏيندي

عالمي ٽيڪنالاجي اداري ميٽا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد طور ساڍا 12 ڪروڙ رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بوڪ جا مالڪاڻا حق رکندڙ ڪمپني ميٽا جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن لا عطئي جي رقم چئني صوبن ۾ يونيسيف، هينڊز ۽ آ ٽي اي کي فراهم ڪئي ويندي ميٽا جي ڊائريڪٽر فار ايمرجنگ مارڪيٽس جورڊي فورنيز پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وڏي تباهي آڻيندڙ قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اسان بحالي واري عمل ۾ متاثر ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. ٻئي طرف يونيسيف پاڪستان جي مالي مدد ڪرڻ تي ميٽا جا ٿورا مڃيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button