سنڌ

گهر ۾ فاقا، اٽو وٺڻ کان به لاچار ٻوڏ متاثر شخص آپگهات ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثر ڪٽنب جي سربراهه پنهنجي ٻچن جي بک ۽ اٽو نه وٺي سگهڻ جي بيوسي برداشت نه ڪندي بندوق جي فائر سان انت آڻي ڇڏيو. شهدادڪوٽ جي ڳوٺ شهيد غلام حيدر مگسي ۾ 4 ٻارن جي پي شاهه بيگ کوسي مايوسي وچان پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو، 40 ورهين جو شاهه بيگ گهر ۾ ٻارن لا اٽي جي لپ نه هجڻ تي پريشان هو. فوتي جي گهرواري ميڊيا کي روئيندي ٻڌايو ته گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ھو، تنهن ڪري مون پنهنجي مڙس کي چيو ته اٽو وٺي اچ ته ٻارن کي ماني پچائي ڏيان، جنهن تي هن مايوسي مان پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري انت آندو آهي. بيواهه عورت چيو ته ٻوڏ جي ڪري اسان جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، رڳو سر بچائي اچي زميندار جي اوطاق ۾ پناهه ورتي هئي پر بک ۽ بدحالي مون کان ور به کسي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button