سنڌ

ڪراچي ۾ ڊريپ جي ڪارروائي،پينا ڊول جون لکين گوريون هٿ

پيناڊول ذخيرو ڪري رکڻ جي خلاف ڊريپ وڏي ڪارروائي ڪندي لکين گوريون هٿ ڪري ورتيون. صحت جي وزارت جي ترجمان مطابق صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي ملڪ گير ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڊريپ جي ٽيم ڪراچي ڪچي گلي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ الطاف ٽريڊرز تي ڇاپو هنيو، ڇاپي وقت اٽڪل 2 لک 52 هزار پيناڊول جون گوريون پڪڙيون ويون، ذخيرو ڪري رکڻ جي ڪري مارڪيٽ ۾ انهيءَ دوا جي هٿرادو کوٽ ٿي وئي هئي. فارميسي مان غير وارنٽي ٿيل اسٽاڪ هٿ آيو، جيڪو مشڪوڪ ٿي سگهي ٿو. ڊريپ جي ٽيم اسٽاڪ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته سڄي ملڪ مان جعلي اڻ رجسٽرڊ ۽ غير معياري دوائون وڪروڪندڙن جي خلاف ڊريپ ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي منظور ٿيل قيمت کان وڌيڪ تي وڪرو ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪي غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث هئا، انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته صحت جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي سڌارا ڪيا پيا وڃن. صحت جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button