پاڪستان

ڀارت مان ججهو پاڻي ايندو، پنجاب جي ٽنهي درياهن ۾ به ٻوڏ جو خطرو

سنڌو درياهه ۾ وڏي پئماني جي ٻوڏ اچڻ بعد پنجاب جي درياهن ۾ به ڀارت کان وڏو پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي، پي ڊي ايم اي ٻوڏ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڀارت ۾ چوماسي جي برساتن سبب پنجاب جي ٽن درياهن راوي، چناب ۽ ستلج ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي وچ وارن حصن ۾ چوماسي جون برساتون 17 کان 18 سيپٽمبر جي وچ ۾ مٿانهان علائقا متاثر ڪري سگهن ٿيون، جنهن سبب راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ وڏو چاڙهه اچي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا هينئر ئي مخصوص علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن وقت سر تياريون مڪمل ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button